زندگي بچائڻ لاءِ ڏيڏر جو زهر پيئندڙ اداڪارا زندگي وڃائي ويٺي!

ميڪسيڪو ۾ هڪ اداڪارا روحاني رسم ادا ڪندي ڏيڏر جو زهر پي زندگي وڃائي ويٺي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽيٽيهه سالن جي مارسيلا الڪازار روڊريگز بيمار ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي جسم مان زهريلا يا بيمار مادا ڪڍڻ جي لاءِ هڪ رسم دوران لاڏاڻو ڪري وئي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب اها هڪ خطرناڪ روايت آهي جيڪا ڏکڻ آمريڪا جي ڪجهه علائقن ۾ ادا ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ جسم کي زهريلي مادن کان پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي ايمازون جي وڏي ڏيڏرن جو زهر پيئڻو يا وري ڪنهن به ٻئي طريقي سان جسم ۾ داخل ڪرڻو هوندو آهي.

خابرو اداري موجب ڇنڇر جي ڏينهن اداڪارا کي زهر پيئارڻ کانپوءِ فوري طور تي الٽيون آيون ۽ ان جي حالت اڃا به وڌيڪ خراب ٿي وئي جنهن تي کيس اسپتال نيو ويو پر ڊاڪٽر به سندس حياتي نه بچائي سگهيا.

اهڙي رسم کي ڊائريا يا الٽي کان جسم کي پاڪ ڪرڻ ۽ شفا وارو عمل سمجهيو ويندو آهي پر اداڪارا کي شفا نه ملي ۽ اها موت جي منهن ۾ هلي وئي.

واقعي کانپوءِ پوليس اهڙي خطرناڪ رسم جو انتظام ڪندڙ شخص جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.