نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جو چوڻ آهي ته اسان وچ اوڀر ۾ امن لاءِ فلسطين ۽ اسرائيل تي ٻڌل ٻه رياستي قيام جا حامي آهيون.
ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر راجيا سڀا ۾ بيان ڏيندي چيو ته ڀارت ڌار، آزاد ۽ خود مختيار فلسطيني رياست جي قيام بابت پنهنجي پراڻي موقف تي قائم آهي، فلسطين جي آزاد رياست جا حامي آهيون.
هن چيو ته گڏيل قومن ۾ 7 آڪٽوبر 2023 کان حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري تڪرار کانپوءِ فلسطين بابت 13 ٺهراءَ پيش ڪيا ويا، ڀارت 10 جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته 3 ۾ غير حاضر رهيو، تڪرار سبب متاثر فلسطينين لاءِ امداد به فراهم ڪري رهيا آهيون.
واضح رهي ته ڀارت ماضي ۾ اسرائيل سان خطرناڪ ۽ جديد هٿيارن جا لکين ڊالرن جا معاهدا ڪري چڪو آهي، جيڪي اسرائيل فلسطين خلاف استعمال ڪري رهيو آهي.
Prev Post
You might also like