جنس مٽائڻ ناجائز آهي: اسلامي نظرياتي ڪائونسل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل ماڻهو جي جنس تبديل ڪرڻ کي ناجائز قرار ڏيندي چيو آهي ته اسلام ان قسم جي اجازت نه ٿو ڏئي، اسلامي تعليم موجب هر ماڻهو جي جنس پيدائشي ئي هوندي آهي.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اجلاس پڌرائي جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه راغب نعيمي جو چوڻ هو ته جنس تبديل ڪرڻ ناجائز آهي، جڏهن ته غير واضح جنس جو شڪ ختم ڪرڻ لاءِ جنس مقرر ڪرڻ جائز آهي.
علامه راغب نعيمي چيو ته اسلام ۾ ڪنهن فرد جو جنس مقرر ڪرڻ ناجائز آهي ۽ مرد جو عورت ۽ عورت جو مرد جهڙو نظر اچڻ، پيدائش جي لحاظ کان جنس جي ابتڙ سڃاڻپ کي بيان ڪرڻ شرعي اصولن جي خلاف آهي.
جاري ڪيل پڌرائي موجب اهڙي بيماري يا پيدائشي عيبدار ماڻهن کي گهر مان ٻاهر ڪڍڻ يا تشدد ڪرڻ ناجائز آهي، ماءُ پيءُ کي پابند ڪيو وڃي ته هو اهڙن ماڻهن کي گهرن ۾ رکن ۽ انهن سان پيار ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.