ڏکڻ وزيرستان ۽ لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز جا آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشنز ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب پهريون انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سراروغه ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻن کي گرفتار به ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن ۾ خان محمد عرف کوڙي به شامل هو، جيڪو ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوري سميت دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هو، هو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو ۽ حڪومت سندس سر جي قيمت 10 لک مقرر ڪئي هئي.
سيڪيورٽي فورسز لڪي مروت ۾ به انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، جنهن ۾ فائرنگ جي شديد ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.