ڪراچي (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال سنڌ جي سڀني پراجيڪٽن جي وقت سر مڪمل فنڊنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وفاقي وزير احسن اقبال ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه به موجود هو.
وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ملڪي معيشت، ترقياتي منصوبن ۽ سياسي صورتحال تي گفتگو ٿي.
ان موقعي تي احسن اقبال چيو ته مڪران ڪوسٽل هاءِ وي 25 سال اڳ ٺاهيو پر ان کي اڪنامڪ ڪوريڊور جو درجو نه ملي سگهيو.
مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي تعمير هيٺ ڪوسٽل هاءِ وي 5 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو، سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي اڪنامڪ ڪوريڊور بڻجي ويندو.
وفاقي وزير چيو ته ڪوسٽل هاءِ وي 36 ڪلو ميٽر آهي ۽ ان جي لاڳت 16.2 بلين رپيا آهي، وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ 3 بلين رپيا رکيا آهن ۽ 2 بلين جاري ڪيا آهن، سنڌ جي سڀني پراجيڪٽن جي مڪمل فنڊنگ وقت سر ڪئي ويندي.
You might also like