راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته جيڪي ڊي چوڪ تي احتجاج ۾ سوين شهادتن جو چئي رهيا آهن، انهن کان لاتعلقي جو اعلان ڪيون ٿا.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته فائنل ڪال کانپوءِ اڄ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿي آهي، پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته پارليامينٽ اجلاس ۾ وڃو، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اهو معاملو اٿاريو.
هن چيو ته عمران خان جي صحت بابت غلط خبرون هلي رهيون آهن، هو اڊيالا جيل ۾ بلڪل ٺيڪ آهي، سندس صحت بابت غلط خبرون پکيڙيون پيون وڃن، باني کي احتجاج ۽ ٻين معاملن کان آگاهه ڪيو، کيس خبر نه هئي ته ڇا ٿيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني کي رينجرز، پوليس ۽ پي ٽي آءِ جي 12 شهيدن جو ٻڌايو، جيڪي سوين شهادتن جو چئي رهيا آهن، انهن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيون ٿا.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن طرفان ڪارڪنن جي مارجڻ بابت تضادي دعوائون سامهون آيون آهن، لطيف کوسا 278 ڪارڪن مارجڻ جي دعويٰ ڪئي، جڏهن ته شيخ وقاص اڪرم 12 ڪارڪنن جا نالا ٻڌايا.
جيڪي سوين شهادتن جو چئي رهيا آهن، انهن کان لاتعلقي جو اعلان ڪيون ٿا: بيرسٽر گوهر
Next Post
You might also like