ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو ويو.
سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو، ننڍن وڏن سنڌي اجرڪ، ٽوپيون پائي سنڌي ثقافت کي اجاڳر ڪيو.
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍي ريليون ۽ جلوس ڪڍي پنهنجي ثقافت سان محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو ويو.
ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر، لاڙڪاڻي، ڄامشوري، جيڪب آباد، دادو، شڪارپور، ٿرپارڪر، ٺٽي، بدين، مٽياري، ٽنڊي محمد خان سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون، نوجوانن، ٻارڙن توڙي ٻڍن ثقافتي گيتن تي رقص ڪيو.
ڪراچي شهر ۾ هر پاسي ٽوپي ۽ اجرڪ جي بهار نظر آئي، ڪراچي پريس ڪلب سامهون سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان تقريب جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.
You might also like