اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت چيو آهي ته اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران پاڪ فوج جو پرتشدد احتجاجين سان سڌي ريت ڪو ٽڪراءُ نه ٿيو.
گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 21 نومبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي امن امان هر قيمت تي قائم رکڻ جي هدايت ڪئي، هاءِ ڪورٽ گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته امن امان جي حوالي سان پي ٽي آءِ قيادت سان رابطو ڪري.
پڌرائي موجب بيلاروس جي صدر ۽ اعليٰ سطحي چيني وفد جي دوري کي ڏسندي پي ٽي آءِ کي ڪيترائي ڀيرا احتجاج ملتوي ڪرڻ جو چيو ويو، پي ٽي آءِ جي ضد تي کين سنگجاني ۾ احتجاج ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي پر اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ داخل ٿي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پشاور کان ريڊ زون تائين مارچ دوران ڊيوٽي تي مقرر اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو، خيبر پختونخواهه حڪومت جي وسيلن جو ڀرپور استعمال ڪيو ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن انتهائي صبر جو مظاهرو ڪيو.
پڌرائي موجب پاڪ فوج جو پرتشدد هجوم سان سڌي ريت ڪو ٽڪراءُ نه ٿيو، ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش دوران قيادت سان گڏ هٿياربند گارڊن ۽ شرپسندن انڌاڌند فائرنگ ڪئي، پي ٽي آءِ قيادت صورتحال سنڀالڻ بدران فرار ٿي وئي.
You might also like