ٻاهرئين ملڪ ويندڙ پارسل مان وڏي مقدار ۾ منشيات برآمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اينٽي نارڪوٽڪس ٻاهرئين ملڪ موڪلئي ويندڙ پارسل مان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي.
منشيات جي ٻاهرئين ملڪ سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪراچي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي جي پي او ۾ ڪارروائي ڪندي ٻاهرئين ملڪ ويندڙ پارسل مان وڏي مقدار ۾ منشيات برآمد ڪري ورتي.
اي اين ايف ترجمان موجب پارسل مان ٻارن جي ڪپڙن ۾ جذب ڪيل 3 ڪلو 800 گرام آئيس برآمد ٿي، اهو پارسل پشاور جي رهواسي طرفان نيوزيلينڊ لاءِ بڪ ڪرايو ويو هو.
ترجمان چيو ته پارسل تحويل ۾ وٺي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.