ڪارساز حادثي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، متاثر حلف نامو جمع ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪارساز سانحي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، متاثرن جي گهر ڀاتين عدالت ۾ حلف نامو جمع ڪرايو ته اسان الله جي رضا خاطر نتاشا کي معاف ڪريون ٿا.
ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ايسٽ ۾ ڪارساز حادثي ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران نتاشا دانش پنهنجي مڙس سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي، متاثر ڪٽنب ۽ زخمي جا گهر ڀاتي به عدالت ۾ موجود هئا.
متاثرن حلف نامو جمع ڪرايو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين سڀني لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، تنهن بعد عدالت ٻڌڻي 31 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايندڙ ٻڌڻي تي فيصلو ٻڌائڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.