”قانون انڌو ناهي هوندو“ ڀارت ۾ اکين تي ٻٽي ٻڌل مجسمو هٽائي نئون مجسمو لڳايو ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ انصاف جي علامت سمجهئي ويندڙ مجسمي کي تبديل ڪيو ويو.
ڀارتي سپريم ڪورٽ عدالت ۾ استعمال ٿيندڙ پراڻي مجسمي کي هٽائي نئون مجسمو لڳائي ڇڏيو.
عام طور تي اهو ڏٺو ويو آهي ته عدالتن ٻاهران لڳل مجسمي جي هٿ ۾ تارازي هوندي آهي ۽ اکين تي پٽي ٻڌل هوندي آهي، جيڪو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندو هو ته قانون انڌو هوندو آهي، امير ۽ غريب ۾ فرق ناهي ڪندو ۽ ان جو انصاف سڀني لاءِ هڪ جهڙو هوندو آهي.
ڀارت ۾ هاڻ سپريم ڪورٽ عدالت ۾ لڳل پراڻي مجسمي کي تبديل ڪري ڇڏيو، پراڻي مجسمي ۾ ليڊي جسٽس جي اکين تي ٻٽي ٻڌل هوندي هئي، جڏهن ته نئين مجسمي ۾ اکين تي پٽي ناهي ٻڌي وئي پر ليڊي جسٽس جي هٿ ۾ تازاري کي برقرار رکيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب نئون مجسمو لڳائي پراڻي روايت کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ کليل اکين سان تازاري کنيل ليڊي جسٽس (انصاف جي ديوي) جو مجسمو ٻڌائي ٿو ته قانون انڌو ناهي، ان کي سڀ نظر ايندو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ کانپوءِ فيصلو ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.