ڊيلاس (ويب ڊيسڪ) ڀارتي جماعت ڪانگريس جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي چيو آهي ته عوام جي دل مان هاڻ ڀارتيا جنتا پارٽي ۽ نريندر مودي جو خوف نڪري چڪو آهي، ماڻهو سمجهي چڪا آهن ته بي جي پي ملڪي مفادن ۾ قدم کڻندڙ جماعت ناهي.
آمريڪي رياست ڊيلاس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي راهول گانڌي چيو ته ملڪ کي اهڙي قيادت جي ضرورت آهي، جيڪا معاملا حل ڪري، بي جي پي ڪيترن ئي معاملن ۾ انتهاپسند سوچ اختيار ڪري معاشري کي ورهايو.
هن چيو ته اقتدار تي پڪڙ مضبوط رکڻ لاءِ بي جي پي خوف ۽ دهشت جي بازار گرم ڪئي، مذهب جي نالي تي انتهاپسندي کي هٿي ڏني، ان جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ فرقيواريت کي هٿي ملي.
سندس چوڻ هو ته ڀارتي معاشري ۾ فرق جو گراف بلند ڪري بي جي پي اقتدار تي پڪڙ مضبوط ڪئي پر هاڻ ماڻهو ڄاڻي چڪا آهن ته ڪير انهن جي حق ۾ ڳالهائي ٿو ۽ ڪير انهن جي خلاف آهي.
Next Post
You might also like