پٿرن سان نه، گلاب جي گلن جا استقبال ٿيو هو: ماهرا خان

پاڪستاني سپر اسٽار اداڪارا ماهرا خان جو چوڻ آهي ته ڀَل ڪاغذ جي جهاز ۾ گل رکي ئي نه هنيو وڃي، غلط ته غلط آهي.
فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪارا ڪراچي آرٽ ڪائونسل جي تعاون سان منعقد ٿيل ٻه روزا پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي وائرل وڊيو هن پاڻ شيئر ڪئي ۽ ٻڌايو ته ڪوئيٽا ۾ هن جو استقبال پٿرن سان نه پر گلاب جي گلن جا ڪيو ويو هو.
هن چيو ته اهڙن واقعن تي نه صرف پاڻ پر پروگرام ۾ آيل ٻيا مهمان به خوف ۾ وٺجي ويندا آهن، ڏهه هزار ماڻهن مان صرف هڪ ماڻهو غلطي ڪئي انڪري ٻين کي سزا نه ملڻ گهرجي.
اداڪارا پنهنجي ڊگهي پوسٽ جي آخر ۾ بلوچستان جي ماڻهن ۽ اتان جي کاڌن جي تعريف به ڪئي ۽ مهمان نوازي تي شڪريو پڻ ادا ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.