ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪاشانا ويلفيئر هوم جي اڳوڻي سپرنٽينڊنٽ افشان لطيف روڊ تي ريڙهو هلائڻ تي مجبور ٿي وئي آهي، کيس پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي دور ۾ نوڪري تان ڪڍيو ويو هو.
اهڙي وڊيو ٽويٽ تي سامهون آئي آهي جنهن ۾ کيس معصوم پٽ سان گڏ روڊ ڪناري ريڙهي تي گجر وڪرو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
اهڙي وڊيو کي وري وري شيئر ڪيو پيو وڃي ۽ واهپيدارن جو چوڻ آهي ته پنجاب پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٽاپ پوزيشن ماڻيندڙ افشان لطيف عمران خان جي ظلمن کانپوءِ ٻارن جو پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ ريڙهو هلائڻ تي مجبور آهي.
پي ٽي آءِ جي حامين اهڙي وڊيو کي ڊرامو قرار ڏنو آهي.
واهپيدارن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي زال بشريٰ بي بي جون 2020 ۾ افشان لطيف جي پگهار غيرقانوني طور تي بند ڪرائي هڪ طرفي ڪارروائي ڪري جنوري 2021 ۾ کيس نوڪري مان ڪڍرايو هو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ساجد محمود سيٺي پهرين نومبر 2022 تي خاص اختيار استعمال ڪندي افشان جي نوڪري جو ڪيس وڏي وزير کي موڪليو هو، ٻن سالن ۾ انڪوائريز ڪرايون ويون جن ۾ ثابت ٿيو ته عمران خان جي حڪومت جي چرچ تي ارفشان لطيف کي نوڪري مان غيرقانوني طور تي ڪڍيو ويو، واضح ثبوتن ۽ ثابتن باوجود هيل تائين افشان لطيف کي نوڪري تي بحال ناهي ڪيو ويو.
واهپيدار مريم نواز کي اپيل ڪري رهيا آهن هو افشان جي نوڪري بحال ڪرائي.
ياد رهي ته 2019 ۾ اڳوڻي سپرنٽنڊنٽ افشان لطيف الزام هنيو هو ته ڪاشانا ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين جون زبردستي شاديون ڪرايون وڃن ٿيون، جنسي استحصال ڪيو وڃي ٿو، هن قتل جا الزام به لڳايا هئا ۽ چيو هو ته صوبائي وزير اجمل چيما به ٻارڙين سان ملڻ لاءِ ايندو هو جنهن ۾ هڪ اڳوڻو سپرنٽينڊنٽ به ملوث هو.
افغان جي الزامن کي بيت المال جي چيئرمين ملڪ اعظم ۽ اجمل چيما ڊرامو قرار ڏنو هو ۽ بعد ۾ افغان کي برطرف ڪيو ويو هو.
اپريل 2023 ۾ افغان محسن نقوي ۽ آرمي چيف کي خط لکي سموري اسڪينڊل ۾ انصاف جو به مطالبو ڪيو هو.