شهدادڪوٽ، سکر، جيڪب آباد، شڪارپور ۾ برسات جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اولهه هوائن جي تازي لهر اڄ بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، اهو نظام ملڪ جي مٿانهن علائقن کي متاثر ڪري سگهي ٿو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوائن جو سلسلو 26 فيبروري تي ملڪ جي مٿانهين علائقن تي اثرانداز ٿيندو، 27 فيبروري تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد سميت ٻين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.

اسلام آباد، گلگت بلتستان، ڪشمير، پوٽوهار ريجن ۾ به گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي جڏهن ته بلوچستان ۾ اڄ ۽ سڀاڻي تيز هوائن سان گڏ برسات پوندي.

خيبرپختونخواهه ۾ تيز هوائن سان برسات ۽ جبلن تي برفباري پئجي سگهي ٿي، اتر بلوچستان ۾ برفباري سبب روڊ رستا بند ٿي سگهن ٿا، تيز برسات بلوچستان جي درياهن ۾ ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهي ٿي جڏهن ته گوادر، ڪيچ، پنجگور ۽ آواران ضلعن ۾ ٻوڏ اچي سگهي ٿي.

سنڌ جي ڏاکڻين علائقن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي تيز هوائن سان هلڪي برسات جو امڪان آهي.

شهدادڪوٽ، سکر، جيڪب آباد، شڪارپور ۾ هلڪي برسات پوندي، ڪراچي ۾ سومر ۽ اڱاري تي تيز هوائون گهلنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.