اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چونڊن لاءِ تيار آهيون پر ماحول ڏنو وڃي، ٻن صوبن ۾ هن وقت بدامني آهي، ان بدامني ۾ ڪهڙيون چونڊون ٿي سگهن ٿيون.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته ن ليگ سان چونڊ اتحاد کانپوءِ ڪميٽيون ٺاهيون ويون آهن، اسان خيبر پختونخواهه ۾ ن ليگ سان سهڪار ڪنداسين، جڏهن ته اهي اسان سان پنجاب ۾ سهڪار ڪندا.
هن چيو ته هن وقت ٻن صوبن ۾ بدامني آهي، برابر جو ماحول بڻايو وڃي، بدامني ۾ ڪهڙيون چونڊون ٿي سگهن ٿيون، اسان جي چونڊن هر وقت چونڊن لاءِ تيار آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن سان خبر پئي ته ڪا پارٽي ناهي، ڪنهن پارٽي جي اندروني معاملن تي تبصرو نه ڪندس، ڪنهن لاءِ دڳ نٿو کولي سگهجي، دڳ ته عوام جي اعتماد، منشور ۽ سياسي موقف سان کلندو آهي.
You might also like