ڪراچي: رمضان کان اڳ ناجائز منافعي خورن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ مهينو شروع ٿيڻ کان اڳ ناجائز منافعي خورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي جي ڪمشنر سيد حسن نقوي جي صدارت هيٺ رمضان پيڪيج جي تياري ۽ پرائس ڪنٽرول قدمن تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناجائز منافعي خورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سيد حسن نقوي چيو ته مناسب ۽ رعايتي اگهن تي شين جي فراهمي لاءِ پيڪيج تيار ڪيو وڃي.
اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته رمضان کان اڳ سڀني شين جي اگهن جون فهرستون جاري ڪيون وينديون.
ڪمشنر چيو ته ناجائز منافعي خورن خلاف ضلعي انتظاميا جي خاص مهم شروع ڪئي ويندي، ڊپٽي ڪمشنر ڪارروائين جي نگراني ڪندا ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پابند ڪندا.
سيد حسن نقوي حڪم ڏنو ته ڊي سي ۽ اي سي روز جي بنياد تي ڪارروائي ڪري آگاهه ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.