لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي تاريخي مسجد وزير خان جي ڏاڪڻين تي فوٽو شوٽ ڪرڻ جي الزام ۾ ماڊل ازبيا خان ۽ فوٽوگرافر زين شاهه خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
لاهور جي اڪبري گيٽ والڊ سٽي ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب اهو واقعو 13 آگسٽ جي صبح پيش آيو.
ايف آءِ آر ۾ ٻڌايو ويو ته ماڊل ازبيا خان نامناسب لباس ۾ مسجد وزير خان جي ڏاڪڻين تي وڊيو ٺهرائي، جنهن سان مسجد جو تقدس پامال ٿيو ۽ والڊ سٽي آف لاهور اٿارٽي جي ساک به متاثر ٿي.
والڊ سٽي آف لاهور اٿارٽي موجب وڊيو ڪلپ جو پتو پوڻ تي فوري طور ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون ويون.
Prev Post
You might also like