ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس اڄ هڪ هزار 707 پوائنٽون واڌ سان هڪ لک 48 هزار 196 جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو.
اڄ بلند ترين سطح تي ڪاروبار جي پڄاڻي کان اڳ ڪاروباري ڏينهن ۾ انڊيڪس پنهنجي نئين بلند ترين سطح هڪ لک 48 هزار 395 به ٺاهي.
بازار ۾ اڄ 61 ڪروڙ شيئرز جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 39 ارب رپين کان وڌيڪ رهي، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 169 ارب رپيا وڌي 17 هزار 639 ارب رپيا ٿي وئي.
You might also like