جماعت اسلامي جو فلسطينين سان ايڪي جي اظهار لاءِ 22 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 22 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.
شاهراهه فيصل ڪراچي ۾ غزا مارچ کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسرائيل غزا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جا بخيا اڊيڙي رهيو آهي، اسرائيل اڄ به حماس جو مقابلو نٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته حڪمران اسرائيلي ظلمن خلاف آواز بلند ڪن، آمريڪا ۾ به 50 سيڪڙو ماڻهو فلسطين جا حامي آهن، دنيا جو ٻڄو ٻچو غزا واسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيو آهي.
هن 22 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪندي چيو ته اها ڪنهن پارٽي جي هڙتال ناهي، اهو فلسطينين لاءِ آواز هوندو، اسان هڪ ڏينهن لاءِ پنهنجو ڪاروبار بند ڪنداسين، ڪشمير کان گوادر تائين سڄو ملڪ هڙتال ڪري ٻڌائيندو ته يڪجهتي ڇا کي چوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.