”روس ۽ آمريڪا جنگ بدران امن جون ڳالهيون ڪندا“

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي تي ڪريملن چيو آهي ته هاڻي روس ۽ آمريڪا جنگ بجاءِ امن جي ڳالهه ڪندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪريملن جو چوڻ آهي ته اسان هاڻي ڳالهين ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، روسي صدر پيوٽن ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ وچ ۾رابطو موجوده حالتن ۾خاص اهميت رکي ٿو.
واضح رهي ته ان کان اڳ اها ڄاڻ سامهون آئي هئي ته آمريڪي ۽ روسي اختيارين جي سعودي عرب ۾ ملاقاتن جو امڪان آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ ڪيو هو ته انهن ملاقاتن ۾ روس ۽ يوڪرين جي جنگ جي خاتمي تي به ڳالهين جو امڪان آهي.
ان کان اڳ روس ۽ آمريڪا جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو هو، سرگئي لاروف ۽ مارڪو روبيو ٻه طرفيون ڳالهيون شروع ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.