نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما مسلسل تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي اڳوڻي ليجنڊري ڪرڪيٽر سنيل گواسڪر خلاف ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي.
آسٽريليا خلاف بارڊر گواسڪر سيريز ۾ خراب ڪارڪردگي تي اڳوڻي ڪرڪيٽر سنيل گواسڪر، روهت شرما جي بيٽنگ ۽ ڪپتاني ٻنهي تي تنقيد ڪئي هئي، جڏهن ته هن روهت شرما جي مستقبل تي به سوال اٿاريا هئا.
گواسڪر اها تجويز به ڏني ته ڀارتي ٽيم جي بهتري لاءِ ڪنهن ٻئي کي قيادت سونپڻ جو وقت اچي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب روهت شرما ان تنقيد تي سنيل گواسڪر خلاف ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ شڪايت داخل ڪرائي آهي.
روهت جي ويجهن ذريعن موجب کيس لڳو آهي ته گواسڪر مٿس غير ضروري تنقيد ڪئي آهي.
You might also like