اسٽار فٽبالر نيمار جونيئر جو سعودي ڪلب الهلال سان معاهدو ختم

رياض (ويب ڊيسڪ) برازيل جي اسٽار فٽبالر نيمار جونيئر جو سعودي پرو ليگ ٽيم الهلال سان معاهدو گڏيل راضپي سان ختم ٿي ويو.
نيمار جو آگسٽ 2023 ۾ 90 ملين يورو ۾ الهلال ڪلب سان معاهدو ٿيو هو، اسٽار فٽبالر جو ڪلب سان ٻن سالن جو معاهدو هو.
فٽبالر نيمار انجرين سبب الهلال ڪلب لاءِ رڳو 7 ميچون ئي کيڏي سگهيو.
ان حوالي سان الهلال ڪلب جو چوڻ آهي ته نيمار جا ٿورائتا آهيون، ڪلب لاءِ سندس ڪردار تعريف جوڳو رهيو آهي.
واضح رهي ته نيمار جونيئر ۽ الهلال ڪلب وقت کان اڳ معاهدو ختم ڪرڻ جو ڪو ڪارڻ ناهي ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.