ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪرڪيٽر معين خان قومي رانديگرن جي ڀارتي رانديگرن سان ضرورت کان وڌيڪ دوستاڻي لاڳاپن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
معين خان هڪ پروگرام ۾ ميزبان جي سوال تي جواب ڏيندي چيو ته منهنجو سمورن ڀارتي ڪرڪيٽرن سان عزت جو تعلق آهي، ڪو وقت جو جڏهن اسان جي ٽيم ڀارت کان گهڻي اڳتي هئي پر اڄ ڀارت اڳتي آهي، اسان جي وقت ۾ سينيئر رانديگر ۽ ڪپتان اسان کي ڳالهائڻ کان ئي منع ڪندا هئا.
هن جواز پيش ڪيو ته ان سان مخالف ٽيم تي دٻاءُ رهندو آهي، جيڪڏهن توهان ضرورت کان وڌيڪ ڪنهن سان فرينڊلي ٿي ويندئو ته اهي توهان کي پنهنجي ليول جو نه سمجهندا ۽ توهان ذهني طور تي پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪندئو.
سندس چوڻ هو ته اسان جا به ڀارتي ڪرڪيٽرن سان سٺا لاڳاپا رهيا ۽ اڄ به آهن پر ميدان ۾ ڪڏهن ائين نه ٿيو ته منهنجو ڪو پسنديده رانديگر اچي ته مان ان جي بيٽ چيڪ ڪيان، اسان جا رانديگر ناڪاري پيغام ڏيندا آهن، جنهن جو انهن کي اندازو به ناهي هوندو.
معين خان چيو ته مان جڏهن به ڪنهن عهدي تي رهيس ته اها ئي ڪوشش هوندي هئي ته رانديگرن کي سمجهايان ته اهڙو رويو اختيار نه ڪيو، وسيم اڪرم به ڪرڪيٽرن جي رويي تي ناراض رهندو آهي، وسيم اڪرم، وقار يونس ۽ شعيب اختر جهڙن رانديگرن کي به ميدان ۾ ڀارتي ڪرڪيٽرن سان مذاق ڪندي يا بيٽ چيڪ ڪندي ۽ سيلفي ڪڍرائيندي ناهي ڏٺو.
Prev Post
You might also like