انٽرنيٽ جو استعمال خطرناڪ بيماري کان بچائي ٿو: تحقيق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيٽ جي استعمال سان ان جي نقصانن ۽ فائدن بابت ته اوهان ڪيترائي ڀيرا ٻڌو هوندو پر ڇا توهان کي خبر آهي ته انٽرنيٽ جو استعمال هڪ خطرناڪ بيماري کان به بچائي ٿو؟

هڪ تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته اهي ماڻهو جي اڌ عمر گذاري چُڪا آهن ۽ انٽرنيٽ جو استعمال ڪندا آهن انهن لاءِ اڌ عمر کانپوءِ واري زندگي ۾ ڊيمينشيا جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان اڌ کان وڌيڪ گهٽجي ويندا آهن.

تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي جيڪي ماڻهو انٽرنيٽ ڪمپيوٽر جي بدران موبائل تي استعمال ڪندا آهن انهن تي ان جا گهڻا هاڪاري اثر ظاهر ٿين ٿا.

سائنسدانن جو خيال آهي ته انٽرنيٽ تي موجود ڄاڻ ماڻهن جي دماغ کي فائدو پهچائي ٿي جڏهن ته سوشل ميڊيا جو استعمال اڪيلائي سان منهن ڏيڻ ۾ وڏو مددگار ثابت ٿيندو آهي جنهن کي هاڻي ان بيماري جو وڏو سبب قرار ڏنو پيو وڃي.

هڪ بهتر زندگي ۽ ذهني معاملن کي متحرڪ رکندڙ سرگرمين جهڙوڪ موبائل ۾ رانديون کيڏڻ اهڙي ڪيفيت ۾ مدد ڏيندو آهي.

چين جي ڙيجيانگ يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن جي ماهرن ٻارهن هزار کان مٿي ڊيمينشيا کان پاڪ ماڻهن تي تحقيق ڪرڻ کانپوءِ انٽرنيٽ کي به اهڙي فهرست ۾ شامل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.