ناليوارو مذهبي اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر حافظ عبدالرحمٰن مڪي دل جو دورو پوڻ سبب لاهور ۾ انتقال ڪري ويو، سندس مڙهه جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مريدڪي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
پروفيسر ڊاڪٽر حافظ عبدالرحمٰن مڪي ڪجهه ڏينهن کان بيمار هو ۽ لاهور جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو . جنازي نماد ادا ڪرڻ کانپوءِ مريدڪي جي مقامي قبرستان ۾ سندن تدفين ڪئي وئي.
جنازي نماز سندن ڀاڻيجي حافظ طلحه سعيد پڙهائي، جڏهن ته سياسي ۽ مذهبي شخصيتن، عالمن سڳورن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
حافظ عبدالرحمٰن مڪي ام القريٰ يونيورسٽي مڪه مڪرمه مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. هو نظريه پاڪستان، مظلوم ڪشميرين ۽ فلسطينين جي حقن جي مضبوط آواز هو. تحريڪ ختم نبوت ۽ دفاع پاڪستان جي پليٽفارم تان پڻ سرگرم رهيو.