شادي جي لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو هڪ اهڙو لڏو آهي جيڪو کائيندو به پڇتائيندو جيڪو نه کائيندو به پڇتائيندو، پر ماهر بنا ڪنهن ثبوت جي ڪنهن کي مهاوري يا ڳالهه کي نه مڃيندا آهن ۽ ڪنهن تجربي يا مشاهدي جي بدران ڪنهن به موضوع بابت ڪا راءِ قائم ڪندا آهن.
ماهرن ٻارهن ملڪن سان تعلق رکندڙ ڇهه هزار ٽي سئو اٺٽيهه ماڻهن تي تحقيق ڪندي سگهري ماڻهن ۽ ڇڙن ۾ خوش رهڻ واري فرق کي واضع ڪيو آهي.
تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته ڇڙن جي ڀيٽ ۾ شادي شده ماڻهو وڌيڪ خوش باش آهن.
اهڙي مقصدن لاءِ اهو ڏٺو ويو ته شادي شخصيتن تي ڪهڙا ۽ ڪيترا اثر ڇڏي ٿي، شادي جي تعلق ۽ لاڳاپن سميت جذبات صحت وچ ۾ تجزيو ڪيو ويو.
انکانپوءِ جذباتي صحت، زندگي تي اطمينان، خوشي ۽ اميد وغيره جو جائزو ورتو ويو.
نتيجن مان خبر پئي آهي ته شادي جذباتي صحت تي نمايان اثر ڇڏيندي آهي.
اهو ئي سبب آهي ته ماهرن چيو آهي ته ڪنواري ماڻهن جي ڀيٽ ۾ پرڻيل ماڻهن ۾ وڌيڪ خوشيءَ جو احساس هوندو آهي.