اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڳالهين واري ڪميٽي ۾ قومي اسمبلي ميمبرن اعجاز الحق ۽ سردار خالد مگسي کي شامل ڪري ڇڏيو.
حڪومتي اتحادي ڪميٽي ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جو اڄ پهريون دور ٿيو، جنهن ۾ حڪومتي اتحاد پي ٽي آءِ کان چارٽر آف ڊيمانڊ طلب ڪيو.
ڳالهين جو ايندڙ دور ٻه جنوري تي ٿيندو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ پنهنجا مطالبا پيش ڪندي، جڏهن ته اڄ انهن شروعاتي مطالبا پيش ڪيا.
وزيراعظم اها اميد ظاهر ڪئي ته ملڪ جي مفاد لاءِ ڳالهين ۾ هاڪاري اڳڀرائي ٿيندي، هن چيو ته ملڪ جو مفاد سڀ کان اهم آهي، قومي سلامتي کي نظر ۾ رکيو وڃي.
Next Post
You might also like