صحت جو خيال ڪنهن کي نه هوندو؟، پر جيئن ئي عمر گذرندي آهي ۽ ماڻهو ڪراڙپ ڏانهن وڌندا آهن ته بيماريون به منهن ڪڍڻ شروع ڪنديون آهن، ڪراڙپ ۾ بيمارين کان بچڻ جواني جي ڀيٽ ۾ ڏکيو هوندو آهي، صحتمند ۽ سدائين جوان رهڻ ته سڀ ڪنهن جي خواهش هوندي آهي پر ڇا توهان ڪڏهن سوچو آهي ته ماڻهو ڪراڙا ٿين ئي نه؟
چيني سائنسدانن ڪراڙپ جي گهٽائڻ جو نئون طريقو دريافت ڪيو آهي جنهن جي مدد سان ماڻهو گهڻي وقت تائين جوان رهي سگهي ٿو.
جرنل آف نيچر ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جگر طرفان تيار ڪيل ايسڊ جي هڪ قسم مان جسم تي اهڙي ئي قسم جا اثر ٿيندا آهن جيڪي ڪيلوريز جي گهٽ استعمال سان ٿيندا آهن جنهن سان عمر ۾ واڌ ٿيندي آهي.
تحقيق ۾ ماهرن لٿوڪولِڪ ايسڊ (ايل سِي اَي) جي اثرن جو جائزو اهڙي ڪوئن تي ورتو جن جي جينز ۾ انساني ٽشوز کي شامل ڪيو ويو هو.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته جگر ۾ قدرتي طور تي ٺهندڙ ان ايسڊ سان ڪوئن ۾ نئين مسئلز پيدا ٿيڻ وارو عمل شروع ٿي ويو، انهن جي سختي مضبوط ٿي وئي ۽ انهن جي ڀڄ ڊڪ جي صلاحيت ۾ به واڌ ٿي وئي.
ماضي ۾ ٿيل تحقيقي ڪم مان ثاب تٿيو ته مماليا جاندارن ۾ اهو ايسڊ ان وقت گڏ ٿيندو آهي جڏهن اهي خوراڪ جو استعمال گهٽ ڪندا آهن ۽ ان سان هڪ ماليڪيول متحرڪ ٿيندو آهي جيڪو ميٽابولزم جي لاءِ انتهائي اهم هوندو آهي.
ايڪٽيويٽڊ پروٽين ڪائنيس (اَي پي ڪي) نالي اهو ماليڪيول ان وقت متحرڪ ٿيندو آهي جڏهن بلڊ گلوڪوز جي سطح گهٽجي ويندي آهي.
اهو عمر ۾ واڌ ڪندڙ اثرن کي گهٽائڻ لاءِ تمام ضروري هوندو آهي ڇو ته اهو ورم ۽ اعصابي تنزلي جهڙي اثرن کي متحرڪ ڪري ٿو.
نئين تحقيق ۾ فروٽ فلائيز ۽ سوپيري تي به ايل سي اي جي اثرن جي جاچ پڙتال ڪئي وئي.
سائنسدان دريافت ڪيو ته اهڙي عمل کانپوءِ ڪراڙپ ڏانهن سفر ائين ئي سست ٿي ويندو آهي جيئن اسان گهٽ ڪيلوريز کائيندا آهيون.
جيتوڻيڪ اهي جاندار پاڻمرادو طور ايل سي اي تيار نٿا ڪري سگهن ته سائنسدانن انهن ۾ اهو داخل ڪيو ويو.
ماهرن ٻڌايو ته ايل سي اي سان ڪراڙپ ڏانهن ٿيندڙ سفر کي روڪڻ ۾ ڪاميابي ماڻي سگهجي ٿي.
هاڻي اهي انتي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ مختلف عمرين جي ماڻهن جو جائزو وٺندا ۽ مقرر ڪندا ته ان ايسڊ جو ڪيترو مقدار استعمال ڪرڻ بهترين ثابت ٿيندو.
بهرحال هنن اهو ته واضح ڪيو آهي ته جيڪي ماڻهن سدائين جي لاءِ جوان نظر اچڻ چاهين ٿا ايل سي اي ان حوالي سان اهم آهي ۽ انهن جا خواب پورا ڪندو.