لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جو بل پيش ڪيو ويو.
ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ عوامي نمائندن جي پگهارن تي نظرثاني پنجاب 2024 جو بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.
عوامي نمائندن جي پگهارن تي نظرثاني پنجاب 2024 جو بل پارلياماني معاملن واري وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان طرفان پيش ڪيو ويو.
اجلاس ۾ پگهارن ۾ واڌ جي بل تي اپوزيشن ليڊر احمد خان اعتراض اٿاريو.
هن چيو ته ڇا هي بل پارليامينٽري قانون ايڪٽ 1972 موجب آهي؟ جواب ۾ اسپيڪر محمد احمد خان جو چوڻ هو ته هي بل موجوده قانونن موجب بلڪل درست ۽ حڪومت جو هڪ سٺو قدم آهي.
Next Post
You might also like