ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اطالوي بحريا جو مشهور تربيتي جهاز امريگو ويسپو چي، جنهن کي اڪثر دنيا جو خوبصورت ترين جهاز چيو ويندو آهي، پنهنجي عالمي دوري جي هڪ حصي طور ڪراچي پهچي ويو.
اطالوي بحريا جي قديم ترين بحريا 7 کان 8 ڊسمبر تائين ڪراچي بندرگاهه تي موجود رهندي، بندرگاهه جي دوري دوران اطالوي سفير ۽ قونصل جنرل اطالوي بحريا جي اختيارين جي جهاز تي آجيان ڪئي.
دنيا جي دوري جي موقعي تي اهو امريگو ويسپوچي جو پاڪستان جو پهريون دورو آهي، بحري جهاز 90 سالن کان اٽلي جي سامونڊي ورثي کي برقرار رکيو آهي.
پهرين جولاءِ 2023 کان جنيوا کان رواني ٿيندڙ جهاز اٽلي جي تاريخ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ شاندار ورثي کي هٿي ڏيڻ لاءِ تقريبن ٻن سالن جو سفر شروع ڪيو هو، جنهن سان اٽلي جي عالمي وقار ۾ وڌيڪ واڌ ٿي آهي.
You might also like