اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي اردو يونيورسٽي جي پروفيسر کي ساٿي عورت پروفيسر کي هراسان ڪرڻ تي نوڪري تان هٽايو ويو.
هرساني جي روڪٿام لاءِ وفاقي محتسب جو وڏو فيصلو سامهون اچي ويو، عورت پروفيسر کي هراسان ڪرڻ تي وفاقي اردو يونيورسٽي جي ڊاڪٽر حافظ اسحاق کي نوڪري تان هٽايو ويو.
وفاقي محتسب طرفان ليڪچرر عروج ملڪ جي شڪايت تي فيصلو ٻڌائيندي پروفيسر تي 10 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو.
هرساني جي روڪٿام لاءِ وفاقي محتسب فوزيه وقار ڏنڊ جي رقم مان 8 لک رپيا عروج ملڪ کي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي ته باقي ٻه لک قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا وڃن.
You might also like