ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي شهر ۾ اڄ موسم خشڪ آهي، جڏهن ته ايندڙ هفتي کان ٿڌ ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ڪراچي ۾ اڄ موسم خشڪ آهي ۽ 5 ڊسمبر کان ٿڌ وڌڻ جو امڪان آهي.
شهر ۾ اڄ صبح گهٽ کان گهٽ گرمي پد 20.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گهٽ کان گهٽ گرمي پد 21 کان 19 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب اڄ اتر اوڀر کان 8 کان 15 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلنديون.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ برساتن سبب ٿڌيون هوائون ڪراچي تي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڊسمبر کان ٿڌ وڌي سگهي ٿي.
Prev Post
You might also like