ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس عيدالفطر، عيدالاضحيٰ ۽ درگا پوجا جي عام موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بنگلاديشي ميڊيا موجب اڳتي عيدالفطر جون 5، عيدالاضحيٰ جون 6 ۽ شرديه درگا پوجا جون 2 موڪلون هونديون.
اهو بيان عبوري حڪومت جي مشاورتي ڪائونسل طرفان ايندڙ سال لاءِ عام موڪلن جي فهرست جي منظوري کانپوءِ جاري ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ پبلڪ ايڊمنسٽريشن وزارت موڪلن ۾ واڌ جي تجويز ڏني هئي، جنهن کي ايڊوائزري ڪائونسل منظور ڪري ورتو.
واضح رهي ته ان کان اڳ بنگلاديش ۾ عيدن جون 3 ۽ درگا پوجا جي هڪ موڪل هوندي هئي.
You might also like