اسلام آباد انتظاميا پي ٽي آءِ کي احتجاج لاءِ مناسب هنڌ ۽ سهولت فراهم ڪري: هاءِ ڪورٽ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت ۽ اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا کي تحريڪ انصاف جي احتجاج لاءِ جاءِ مختص ڪرڻ ۽ کيس سهولت فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٽريڊرز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر راجا حسن اختر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، گهرو سيڪريٽري خرم آغا ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد مختصر عدالتي نوٽيس تي پيش ٿيا.
عدالت پڇيو ته سيڪريٽري صاحب توهان سڄو شهر ڇو بند ڪيو آهي؟ موبائل سروس بند آهي، ڪو ايمرجنسي ۾ ڪنهن سان رابطو نٿو ڪري سگهي؟ توهان مناسب قدم کڻو ۽ اسلام آباد کي ڪليئر ڪيو.
گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته ملائيشيا جو وزيراعظم گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ هو، ٽي چار ڏينهن ۾ اهم سعودي وفد به اچي رهيو آهي، شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس ٿيڻ پاڪستان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، گهرو وزير وڏي نرمي سان درخواست ڪئي پر ڪي پي جو وڏو وزير ضد تان نه لٿو، هو ڳري حڪومتي مشينري سان گڏ اچي رهيو آهي، سرڪاري مشينري کي نقصان پهچايو ويو، ساڙيو ويو آهي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هن وقت شهر ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ جنگ جي حالت ۾ هجي، وفد پاڪستان اچي رهيا آهن، ڪو اڻ وڻندڙ واقعو ٿيو ته گهرو وزارت ذميوار هوندي، توهان فوج به طلب ڪئي آهي؟ اها سول اختيارين جي مدد ڪندي آهي؟ قلم 144 لاڳو آهي ته يقيني بڻايو ان تي مڪمل عملدرآمد ٿئي، سرڪار جو ڪم شهرين کي برابر جا بنيادي حق فراهم ڪرڻ آهي، ڪنهن کي اهو حق ناهي ته اهو روڊ تي ماڻهو گڏ ڪري ۽ رستو بند ڪري ڇڏي.
عدالت حڪم ڏنو ته احتجاج ڪندڙن کي مناسب جاءِ ڏيو، جتي احتجاج ڪن يا جيڪو مرضي ڪن، احتجاج بنيادي حق آهي، جيڪي احتجاج ڪري رهيا آهن، اهي به پاڪستان جا شهري آهن، توهان کي انهن جو تحفظ ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اهڙن قدمن سان ڪنهن جي حياتي کي خطرو ٿيو ته اهو غير قانوني آهي.
عدالت لکت حڪم نامي ۾ چيو ته آئين جو آرٽيڪل 16 ۽ 17 عوام جي ميڙاڪي ۽ چرپر جا بنيادي حق فراهم ڪن ٿا پر اهي بنيادي حق قانون موجب لڳايل مناسب پابندي تي ڀاڙين ٿا، اسلام آباد انتظاميا ۽ حڪومت احتجاج لاءِ مناسب جاءِ مختص ڪري ۽ احتجاج ڪندڙ اتي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائين.
عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن.
ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.