نيون گاڏيون خريد ڪندڙن لاءِ اهم خبر، سنڌ حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ايڪسائز کاتي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي قرار ڏئي ڇڏي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ موجب نين ۽ پراڻين گاڏين جي رجسٽريشن يا ٽرانسفر جي عمل دوران بائيو ميٽرڪ تصديق جي ضرورت هوندي، نئين پاليسي تحت تبديلي ٽن مرحلن ۾ لاڳو ڪئي ويندي.
هن چيو ته پهرئين مرحلي ۾ نين گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي هوندي، ٻئي مرحلي ۾ گاڏيون خريد ڪندڙن جي بائيو ميٽرڪ تصديق ٿيندي، ٽئين مرحلي ۾ گاڏي وڪرو ڪندڙ ۽ خريد ڪندڙ ٻنهي جي بائيو ميٽرڪ تصديق ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو سنڌ حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿي ته سنڌ عوامي خدمتن ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان اڳتي وڌي، گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر ۾ بائيو ميٽرڪ تصديق شفافيت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ان سان خريد ۽ وڪرو ڪندڙن جي سڃاڻپ، گاڏين جي غير قانوني منتقلي ۽ شهرين کي دوکي کان بچائڻ ۾ مدد ملندي، گاڏين جا مالڪ بائيو ميٽرڪ تصديق جو عمل مڪمل ڪرڻ لاءِ نادرا اي سهولت مرڪز يا ڪنهن به ڊسٽرڪٽ ايڪسائز آفيس سان رابطو ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.