دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي معاف نه ڪيو ويندو: سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير واضح ڪيو آهي ته هو غير معمولي حالتن ۾ غير معمولي اپاءَ وٺڻ لاءِ تيار آهن.
سينٽرل پوليس آفيس ڪوئيٽا جي دوري جي موقعي تي سرفراز بگٽي هدايت ڪئي ته ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي جي صورت ۾ اثرائتو ۽ فوري جواب ڏنو وڃي.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي پوليس آفيس ڪوئيٽا جو دورو ڪيو، چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان به ساڻس گڏ هو، وڏي وزير کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.
سرفراز بگٽي هدايت ڪئي ته سي ٽي ڊي، پوليس ليويز ۽ سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏيل سيڪيورٽي پلان تيار ڪن، هاءِ ويز جي حفاظت لاءِ گشت وڌايو وڃي.
هن چيو ته معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائڻ وارا رعايت جا حقدار ناهن، دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، بدامني پکيڙڻ وارن کي معاف نه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.