ڪراچي(پ ر ) آءِ بي سي سي طرفان ڪاغذن جي تصديق لاءِ ايڪسپريس سروس جي شروعات ڪئي وئي آهي.
شاگردن ۽ درخواست ڏيندڙن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي آءِ بي سي سي طرفان 22 جولاءِ 2024 کان ايڪسپريس سروس شروع ڪئي ويندي.
سروس ذريعي درخواست ڏيندڙ پنهنجن ڪاغذن جي تصديق ساڳئي ڏينهن حاصل ڪري سگهندا.
ايڪسپريس سروس لاءِ آءِ بي سي سي جي ويب سائيٽ (www.ibcc.edu.pk) ذريعي آن لائن درخواست ڏيڻي پوندي ۽ درخواست ڏيندڙ گهربل فيس آن لائن بينڪنگ ذريعي ادا ڪري سگهندا.
پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وڌيڪ ايڪسپريس سروس صرف IBCC سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ موجود آهي.