آزادي مارچ ڪيس: پي ٽي آءِ باني، شيخ رشيد ۽ شاهه محمود قريشي آجا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ آزادي مارچ بابت آءِ نائن ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ باني، شيخ رشيد ۽ شاهه محمود قريشي کي ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو.
سول جج ملڪ عمران آزادي مارچ تي داخل ڪيسن ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، عدالت صداقت عباسي ۽ علي نواز اعواڻ کي به آجو ڪري ڇڏيو.
ٻڌڻي کان اڳ عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ ايشن ڪورٽ پهتو هو.
ياد رهي ته آزادي مارچ تي داخل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني، شيخ رشيد، شاهه محمود قريشي، صداقت عباسي ۽ ٻيا نامزد هئا.

shahmehmoodqureshi imrankhan pti

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.