اڻ لاڳاپيل ماڻهن سان ڳالهين جي ڪا ضرورت ناهي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اڻ لاڳاپيل ماڻهن سان ڳالهين جي ضرورت ناهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو مون کي خبر آهي ته ڪير حڪومت ڪري رهيو آهي ۽ ڪير ڊمي آهي، اسان کي جتي ڳالهائڻو هوندو اتي ڳالهائينداسين.
هن چيو ته اسان کي اڻ لاڳاپيل ماڻهن سان ڳالهين جا ڪا ضرورت ناهي، سياسي ماڻهو سياسي ٿي وڃي ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ڳالهيون ٿينديون ته عمران خان کان گائيڊ لائن وٺندس.
سندس چوڻ هو ته مون کي نئين گورنر سان ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي، صوبي جي حقن لاءِ وفاق سان ڳالهائي سگهان ٿو، ڪنهن کي صوبي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو شوق آهي ته پورو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.