ڏاهاڻي ۽ محمد علي ٽيم ۾ شامل ڇو ناهن؟ احمد شهزاد سوال اٿاري ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اوپنر احمد شهزاد رانديگرن جي سليڪشن تي اعتراض اٿاري ڇڏيا.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي احمد شهزاد چيو پي ايس ايل جي بنياد تي سليڪشن ڪرڻي آهي ته پوءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کي ختم ڪري ڇڏيو، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ محمد علي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن، اهي اسڪواڊ کان ٻاهر ڇو آهن؟
هن چيو ته حسن علي ڪهڙي ڪارڪردگي جي بنياد تي ٽيم ۾ آيو؟ اظهر محمود ۽ وهاب رياض سان ان جا سٺا لاڳاپا آهن ته اسڪواڊ ۾ اچي ويو.
سندس چوڻ هو ماڻهو گوڙ ڪري رهيا آهن ته محمد حارث کي ڇو ڊراپ ڪيو ويو؟ سڌو جواب آهي ته هن پرفارم نه ڪيو، پي ايس ايل ۾ هڪ ففٽي جي بنياد تي ٽيم ۾ چونڊيو ويندو آهي، جڏهن ته ڊوميسٽڪ ۾ رانديگر 10-10 سال انتظار ڪندا آهن.
احمد شهزاد الزام هنيو ته ماڻهو سوشل ميڊيا تي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي مهم هلائي رهيا آهن، اها مهم انهن جي خلاف به وڃي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.