جماعت اسلامي جو ڪراچي ۾ بدامني خلاف سمورين ايس ايس پي آفيسن اڳيان احتجاج جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي طرفان ڪراچي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڇنڇر ڏهاڙي سمورن ضلعن جي ايس ايس پي آفيسن جي گهيري جو اعلان ڪيو ويو آهي.
جماعت اسلامي جي نئين چونڊيل امير حافظ نعيم الرحمان جي هدايت تي ڪراچي ۾ بدامني خلاف ڪراچي پريس ڪلب ٻاهريان احتجاج ڪيو ويو.
احتجاج ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جي نائب امير مسلم پرويز، ڏکڻ ضلعي جي امير سيد عبدالرشيد ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ ڇنڇر ڏهاڙي شهر جي سمورين ايس ايس پي آفيسن ٻاهريان احتجاج ڪري گهيرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ صورتحال ائين آهي ته ڪو به شهري محفوظ ناهي، هر ايندڙ ڏينهن شهرين کي قتل ۽ زخمي ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.