وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ ايڇ اي سي فنڊنگ بابت سيشن

ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي جي تعليمات شعبي عبدالحق ڪيمپس جي اهتمام هيٺ سيشن جو اهتمام ڪيو ويو.
هڪ ڏينهن جي سيشن جو مقصد هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) کان ملندڙ مختلف نوعيت جي فنڊنگ جي ڄاڻ فراهم ڪرڻ هو.
سيشن ۾ ڊاڪٽر ڪمال حيدر، ڊاڪٽر شاهد اقبال ۽ يونيورسٽين لاءِ نيشنل ريسرچ فنڊنگ پروگرام جي ڊاڪٽر خرم خان علوي خطاب ڪيو.
ڊاڪٽر ڪمال حيدر خطاب ڪندي چيو ته اهڙي قسم جا وڌيڪ سيشن ڪرايا ويندا ۽ اهو سلسلو جاري رهندو، جڏهن ته ڊاڪٽر شاهد اقبال چيو ته ڊاڪٽر ڪمال حيدر جي سرپرستي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اسان سڀ ڪوششن ۾ آهيون.
پروگرام ۾ عالمي لاڳاپن جي شعبي، ماس ڪيونيڪيشن، اسپيشل ايجوڪيشن شعبي، تعليم ۽ استادن جي شعبي گلشن ڪيمپس ۽ عبدالحق ڪيمپس، ڪراچي يونيورسٽي ۽ مختلف ڊپارٽمينٽ جي استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.
استادن ۽ شاگردن مختلف سوال ڪري پنهنجي ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو، ڊاڪٽر ڪمال حيدر سوالن جا اثرائتا جواب ڏنا، شرڪت ڪندڙ ڊاڪٽر ڪمال حيدر جي ڪوششن کي ساراهيو، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.