آرمي چيف جي اي ايس پي شهربانو سان ملاقات، عورت کي هجوم کان بچائڻ تي شاباشي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير اي ايس پي سيده شهربانو نقوي سان ملاقات ڪري هجوم کان عورت کي بچائڻ تي کيس شاباشي ڏني.
بهادر عورت آفيسر شهربانو نقوي لاهور ۾ مڇريل هجوم کان عورت کي بچائيندي کيس حفاظت سان ڪڍيو هو.
آرمي چيف بهادر پوليس آفيسر سان ملاقات ڪري سندس ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستاني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، عورتون معاشري جو املهه حصو آهن ۽ انهن جو احترام مذهب ۽ اسان جي معاشرتي قدرن ۾ به شامل آهي.
هن چيو ته خدشن ۽ شڪايتن جي حل لاءِ قانوني رستو موجود هوندي قانون هٿ ۾ نه کنيو وڃي، بدعت جي بنياد تي پاڻمرادو ڪارروائيون معاشري جي نظريي کي ڪمزور ڪنديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.