پوليس زرداري جي ڪمداري پئي ڪري: راشد محمود جو وڏو مطالبو

جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومري جو قافلو ڪراچي ۾ احتجاج ڪرڻ لاءِ پهتو جڏهن ته مختلف هنڌن تي پوليس پاران رستي ۾ رنڊڪون وڌيون ويون.

ان حوالي سان راشد محمود سومري پوليس سان زبردست بحث به ڪيو جڏهن ته بعد ۾ زخمي پڻ ٿيو هو.

راشد محمود سومري جو چوڻ هو ته پوليس آصف علي زرداري جي ڪمداري ڪري رهي آهي.

هن چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته گهرو وزير ۽ آءِ جي کي طلب ڪيو وڃي.

ان کان اڳ سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مراد علي شاهه ۾ همت آهي ته اهو مون سان اچي ڳالهائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.