ڪراچي: عام چونڊن جي حوالي سان نگران وزيراعظم قائم ڪيل ڪميٽي جو ڪراچي ۾ اهم اجلاس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت نگران وفاقي وزير شاهد اشرف تارڙ جي صدارت هيٺ عام چونڊن جي حوالي سان ڪراچي ۾ اهم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم، نگران صوبائي گهرو وزير بريگيڊيئير (ر) حارث نواز، گهرو سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ڪور فائيو جا نمائندا شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ بريفنگ ڏني.
چيف سيڪريٽري صوبائي حڪومت طرفان عام چونڊن جي تيارين تي تفصيلي طور آگاهه ڪندي چيو ته صوبائي حڪومت چونڊن جي تيارين لاءِ فنڊ جاري ڪيا آهن، انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون وينديون.
ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص چيو ته عام چونڊن لاءِ 10 هزار رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته آءِ جي سنڌ چيو ته سيڪيورٽي لاءِ هڪ لک 22 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.
نگران وفاقي وزير شاهد اشرف تارڙ چيو ته ڪميٽي جو بنيادي مقصد عام چونڊن جي سيڪيورٽي جي نگراني ۽ پرامن چونڊون يقيني بڻائڻ آهي، عام چونڊون شفاف ۽ منظم ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هدايتن تي عملدرآمد ڪرائڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.