”ماڻهو منهنجون بولڊ تصويرون ڀاءُ فيروز کي موڪليندا آهن“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا حمائما ملڪ جو چوڻ آهي ته ٻيون به ڪيتريون ئي اداڪارائون آهن جيڪي هن کان وڌيڪ بولڊ ڪپڙا پائينديون آهن پر ڪير به کين ڪجهه نٿو چوي، ماڻهو منهنجي تصويرن جي تبصرن ۾ منهنجي ڀاءُ کي ٽيگ ڪندا آهن.

اداڪارا هڪ پروگرام دوران سندس لباس تي ٿيندڙ تنقيد جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪيترائي ماڻهو سندس تصويرن تي تبصرا ڪندا آهن ۽ سندس ڀاءُ اداڪار فيروز خان جو ذڪر ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته پنهنجي ڀيڻ کي ڏس.

اداڪارا چيو ته خير منهنجو ڀاءُ مذهبي ماڻهو آهي، هو سوشل ميڊيا تي اڪثر شين تي نظر نٿو رکي پر ماڻهن کي اهو به سوچڻ گهرجي ته مان ۽ منهنجو ڀاءُ ٻه الڳ شخصيتون آهيون ۽ اسان ٻنهي جون ترجيحون مختلف آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.