ڀارتي جهاز اوچتو ڪراچي ۾ ڇو لٿو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي شهر احمد آباد کان دبئي ويندڙ ڀارتي ايئر لائن جي اڏام ڪراچي ۾ ميڊيڪل ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي.
ذريعن موجب اسپائس جيٽ ايئر جي اڏام ايس جي 15 رات ساڍا نائين وڳي ڪراچي لينڊ ڪيو.
احمد آباد کان دبئي جي مسافر جي طبعيت بگڙڻ تي ايمرجنسي لينڊنگ جي درخواست ڪئي وئي، ايئر ٽريفڪ ڪنجٽرول ڪراچي انساني همدردي جي بنياد تي لينڊنگ جي اجازت ڏني.
ايئرپورٽ اختيارين جو چوڻ آهي ته بوئنگ 737 جهاز ڪراچي جي جناح ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو.
سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) جي ميڊيڪل ٽيم کي طلب ڪيو ويو ۽ ترجمان ٻڌايو آهي ته طبي امداد کانپوءِ ڀارتي شهري جي حالت سڌرندڙ آهي.
هن ٻڌايو ته پاڪستان سول ايوي ايشن جي ميڊيڪل ٽيم 27 ورهين جي ڀارتي مسافر کي طبي امداد ڏني، ڀارتي شهري جي شگر ليول لو ٿيڻ تي طبعيت خراب ٿي، ڪراچي ايئرپورٽ تي ڀارتي جهاز جي ري فيولنگ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.