گم ٿيلن بابت ڪيس، عدالت پوليس جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي بابت پوليس جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي ۽ گهرو سيڪريٽري، بچاءَ واري سيڪريٽري سميت پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته پوليس جي رپورٽ روايتي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پوليس رپورٽ پيش ڪئي پر عدالت پوليس جي رپورٽ کي اسٽيريو ٽائپ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.
گم ٿيل ماڻهن جي آزادي ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته پوليس جي رپورٽ روايتي آهي، پوليس گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ ڇو ڪجهه نٿي ڪري.
عدالت گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ قدم وڌيڪ تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
عدالت گهرو سيڪريٽري، بچاءَ واري سيڪريٽري سميت پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.