ڪوٽڏيجي قلعي جون 300 سال پراڻيون توپون لڀي ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ثقافت کاتي ڪوٽڏيجي قلعي جي 3 سئو سال پراڻي گم ٿيل 6 توپن جو پتو لڳائي ورتو.
سنڌ جي ثقافت واري نگران وزير ڊاڪٽر جنيد علي شاهه موجب ثقافت، سياحت ۽ قديمي آثارن جي کاتي تاريخي ڪوٽڏيجي قلعي جي وڃايل 6 توپن جو پتو لڳائي ورتو آهي.
واضح رهي ته خيرپور ضلعي ۾ ڪوٽڏيجي قلعو تاريخي ماڳن مان هڪ آهي، 300 سال پراڻيون توپون 30 سال اڳ ان تاريخي قلعي مان گم ٿي ويون هيون.
جنيد علي شاهه ٻڌايو ته خيرپور پوليس لائنز مان 6 مان 2 توپون برآمد ٿيون آهن، جن کي ثقافت کاتي اڱاري ڏينهن برآمد ڪيو.
هن ٻڌايو ته هڪ مريم چوڪ تي آهي، جڏهن ته ٻي ٻٻرلوءِ ٿاڻي ۾ آهي ۽ خيرپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ به ڪجهه توپون رکيل آهن.
صوبائي وزير چيو ته کاتي تاريخي توپون حاصل ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ انتظاميا کان مدد طلب ڪئي آهي، توپن جي عدم موجودگي قلعي جي تاريخي حيثيت کي متاثر ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.